اسلام آباد – 09 – جون (اي ??ي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت جي 30 جاري ۽ ٻن نئين ترقياتي منصوبن جي لاءِ مجموعي ط??ر تي 6 ارب رپين جا فنڊز رکيا آهن. انهن منصوبن جو منظور ٿيل ڪاٿو 88 ارب 35 ڪروڙ 49 لک 50 هزار رپيا لڳايو ويو آهي. جنهن جي لاءِ 55 ارب 74 ڪروڙ 76 لک 14 هزار رپين جا پرڏيهي فنڊز پڻ خرچ ٿيندا. سرڪاري ترقياتي پروگرام تحت حڪومت نئين مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ ڊيجيٽل پاڪستان جي سائبر سيڪيورٽي جي جاري منصوبن کي مڪمل ڪ??ڻ جي لاءِ مجموعي ط??ر تي 54 ڪروڙ 80 لک رپيا خرچ ڪ??ڻ جي لاءِ رکيا آهن. اهو منصوبو مارچ 2021ع ۾ شروع ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت