اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي وطن لاءِ خدمتن ۽ فرضن سان لڳاءُ کي ساراهيندي انهن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو آهي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ??در اهڙن خيالن جو اظهار مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ ??ي شهيدن ۽ انهن جي خ??ندانن کي خ??اج عقيدت پيش ڪيو. ??در پهرين جون تي سنگوان بلوچستان ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي عنايت الله ۽ حسنين اشتياق جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ??در شهيدن جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو ۽ پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي 3 جون تي اتر وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ معراج الدين جي والد سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. ??در 4 جون تي مير علي ۾ شهيد ٿيندڙ نائيڪ ظهير عباس جي والد سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن 4 جون تي جاني خيل ۾ شهيد ٿيندڙ حوالدار محمد انور ۽ نائب صوبيدار غلام مرتضيٰ جي وارثن سان پڻ ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪيو. ??در 5 جون تي ڏکڻ وزيرستان ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ صابر جي پونئيرن سان پڻ رابطوڪيو. ??در سمورن شهيدن جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ فرضن سان لڳاءُ کي ساراهيو ۽ شهيدن جي بهادري ۽ حب الوطني جي جذبي کي پڻ ساراهيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي پڻ دعا ڪئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران پاڪ فوج جي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں