ڪراچي-15 جولاءِ (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي فليگ شپ ??ٿا، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي. رٿا سان 5 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ٿيندي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو ڪراچي ۽ ٺٽي کان شروع ٿيندڙ صنعتي انقلاب کي ??ڄي ملڪ ۾ پکيڙيندو. پاڪستان پيپلزپارٽي ثابت ڪري ڇڏيو آهي، ته باقي ڳالهيون ڪندا رهن ۽ پيپلزپارٽي عمل ڪري ڏيکاريندي. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب ڌاٻيجي ۾ پبلڪ پ??ائيويٽ پارٽنرشپ ??حت تعمير ٿيندڙ ڌاٻيجي اسپيشل ڪنامڪ زون جي رٿا جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي ??طاب ڪندي پي پي پي چيئرمين چيو ته سندس پارٽي جي صوبائي حڪومت اڄ هڪ وڌيڪ سنگ ميل منصوبو شروع ڪري ڇڏيو آهي. ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون ڏيڍ لک کان وڌيڪ روزگار جا موقعا پيدا ڪندو ۽ غربت ۽ بيروزگاري کي ??تم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير جي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت پارٽي خلاف هڪ سازش تحت جوڙيل مٿ کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، ته اصل سياسي پارٽيون ناڪام ٿي چڪيون آهن. عوام تبديلي جي نالي تي ٿيندڙ تباهي به ڏسي چڪو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ان وقت به پاڪستان پيپلزپارٽي تي تنقيد ڪئي وئي هئي، جڏهن صدر آصف علي زرداري پنهنجي صدارتي دور دوران هڪٻئي پويان چين جا دورا ڪري رهيو هو. هن چيو ته ان وقت چيو ويندو هو ته صدر مملڪت جي دورن سان ملڪي ناڻي تي با?? پوندو. هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري جا اهي ئي اُهي دورا هئا، جن جي نتيجي ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري جي رٿا وجود ۾ آئي هئي. پي پي پي چيئرمين چيو ته پبلڪ پ??ائيويٽ پارٽنرشپ ??هيد محترمه بينظير ڀٽو جو ويزن هو، جنهن کي ??نڌ جي عوامي حڪومت اڳتي وڌائي رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي–ٺٽو ڊوئيل ڪيريج وي، سنڌو درياهه تي جهرڪ پل ۽ ٿر ڪول مائيننگ جهڙيون رٿائون پبلڪ پ??ائيويٽ پارٽنرشپ ??حت مڪمل ٿيندڙ ڪامياب ۽ مقرر مدي کان اڳ مڪمل ٿيندڙ رٿائون آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي پبلڪ پ??ائيويٽ پارٽنرشپ ??حت هلندڙ رٿائن جو دنيا اعتراف ڪري ٿي.چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي بهترين ڪارڪردگي جو حوالو ڏيندي چيو ته صحت عامه جي سيڪٽر ۾ اين آءِ سي وي ڊي، ايس آءِ يو ٽي،گمبٽ انسٽيٽيوٽ ۽ چائيلڊ لائيف فائونڊيشن جي شراڪت سان ٻارن کي ??يمرجنسي علاج جي شڪل ۾ موجود منصوبا، پاورٽي رڊڪشن پروگرام، ڪرونا وائرس وبا ۽ ٻوڏ دوران کنيل قدمن سان عو??م ڪارڪردگي ڏسي ورتي آهي ۽ هاڻ اهو مڃي ورتو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪردارڪشي ڪئي ويندي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن نوجوانن کي ??ميداري ملندي آهي ته هو ڪارڪردگي ڏيکاريندا آهن. هن نوجوانن ۽ واپاري برادري سوڌو سڄي ملڪ جي عوام کي ??پيل ڪئي ته هو پاڪستان پيپلزپارٽي جو ساٿ ڏين. هن عوام کي ??اطري ڪرائي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ سندس پارٽي ڪامياب ٿيندي ته هو اهڙي ئي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي جنهن طرح ان سنڌ جي صحت عامه، انفرااسٽريڪچر ۽ ترقي لاءِ قدم کنيا آهن.تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه،اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ، مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاه، سنڌ ڪابينا جي ميمبرن گيانچند ايسراڻي،ساجد جوکيو،ميئر ڪراچي مرتضيَ وهاب، سنڌ جي وڏي وزير جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پ??ائيويٽ پارٽنرشپ ??ابت خاص معاون سيد قاسم نويد قمر ۽ ايم پي اي علي حسن زرداري سوڌو سفارتڪارن ،اعليَ سرڪاري آفيسرن ،بزنس ڪميونٽي جي نمائندن ۽ شهر جي معززين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ حڪومت جي فليگ شپ رٿا، ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون جي پيڙهه جو پٿر رکيو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی