نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ عالمي سطح تي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي، اسرندڙ ملڪن کي قرضن جي مسئلن مان ڇوٽڪارو ۽ مالي معاونت حاصل ٿيڻ گهرجي، پائي??ار ترقياتي هدفن جي اجلاس ۾ ڏني ويندڙ خاطرين تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. نيويارڪ ۾ جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي فنانسنگ فار ڊيولپمينٽ مباحثي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان پاران ان اهم موضوع تي مڪالمو منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. اسان کي ايس ڊي جيز سربراهه اجلاس ۾ ڪيل واعدن تي لازمي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نجي شعبي کي شاامل ڪري ايس ڊي جيز هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. بدقسمتي سان نجي شعبي جي سيڙپڪ??ري جو وڏو حصو دنيا جي اسرندڙ معيشتن طرف آهي جڏهن ته اسرندڙ ملڪن ۾ اها سيڙپڪ??ري نه آهي. گڏيل قومن کي اسرندڙ ملڪن ۾ نجي شعبي پاران سيڙپڪ??ري نه ٿيڻ جي سببن جي تدارڪ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. گڏيل قومن جي ڇٽيءَ هيٺ پبلڪ پرائيويٽ حصيد??ري جي تناسب جو ادارو قائم ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته غريب ملڪن ۾ سيڙپڪ??ري جي فروغ ۽ عوام جي زندگي جو مع??ار بهتر بڻائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ضروري آهي. پائي??ار ترقي جي هدفن جي لاءِ اسرندڙ ملڪن کي مالي معاونت حاصل ٿيڻ گهرجي. اسرندڙ ملڪن کي قرضن جي مسئلن مان ڇوٽڪارو ۽ مالي معاونت حاصل ٿيڻ گهرجي. پائي??ار ترقي جي هدفن جي اجلاس ۾ ڏني ويندڙ خاطرين تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. توانائي جي کوٽ ۽ ٻيا مسئلا اسرندڙ ملڪن جي ترقي جي رفتار کي روڪي رهيا آهن. معاشي رقم جي پهچ بهتر هجي ته ايس ڊي جيز ۾ بهتري اچي سگهي ٿي. هن چيو ته ايس ڊي جيز تي مستنند پروگرامز کي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ اڳتي آڻڻو پوندو. گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ عالمي سطح تي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. نگران وزيراعظم چيو ته گرين بانڊ، مالي وسيلن جي فراهمي، انشورنس اسڪيمن ۽ خودمخت??ار ضمانت، پبلڪ پرائيويٽ حصيد??ري جي لاءِ فائديمند ۽ پائي??ار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي. ان کانسواءِ قرض ڏيندڙ ادارن جي لاءِ خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. اهو گڏيل قومن سان واڳيل ادارو پيشيواراڻي طور تي منظم پراجيڪٽ يونٽ پڻ جوڙي سگهي ٿو جيڪو گڏيل قومن جي 130 ڪنٽري آفيسز کي اسرندڙ ملڪن جي صلاحيت کي وڌائڻ جي لاءِ ڍانچو ت??ار ڪرڻ ۽ ايس ڊي جيز منصوبن جا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته نجي سيڙپڪ??ري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ريگيوليٽري ۽ ترغيبي ڍانچو ت??ار ڪيو وڃي ۽ قومي منصوبن جي تي??ري ۾ معاونت ڪئي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجون اهي تجويزون جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران پيش ڪندو.
گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ عالمي سطح تي هڪ جهڙي ترقي جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔