اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگ?? بل??ست??ن جي ??وا?? کي گلگ?? بل??ست??ن جي آزادي جي جنگ جا 76 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته گلگ?? بل??ست??ن جي ماڻهن کي بي مثال قربانين سان آزادي جي نعمت ملي، پا??ست??ن حڪومت گلگ?? بل??ست??ن ۾ ترقي، امن، خوشحالي ۽ نوجوان نسل جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي، قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشمن جي ڪڌن مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گلگ?? بل??ست??ن جي جنگ جي آزادي جا 76 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن گلگ?? بل??ست??ن ۽ پوري پا??ست??ن جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ اسان جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، اڄ کان 76 سال اڳ گلگت بتلستان جي غيرتمند ??وا?? پا??ست??ن قائم ٿيڻ کانپوءِ ڊوگره راڄ جي خلاف ڪيپٽن مرزا حسن خان ۽ صوبيدار ميجر بابر جهڙن بهادر ۽ جرئتمند اڳواڻن جي قيادت ۾ بنا ڪنهن هٿيارن جي باوجود انتهائي بهادري ۽ دليري جو مظاهرو ڪيو ۽ هندو سامراج جي ڪٺ پتلي گورنر گهنسارا سنگهه کي هٿيار اڇلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ گلگ?? بل??ست??ن جي بهادر ماڻهن پا??ست??ن سان الحاق کي ترجيح ڏني. هن چيو ته گلگ?? بل??ست??ن جي آزادي اسان جو اثاثو ۽ سرمايو آهي ۽ پنهنجي نوعيت جو منفرد ڪارنامو آهي جنهن جو تاج گلگ?? بل??ست??ن جي رهواسين پهرين نومبر 1947ع تي پاڻ پا??ست??ن جي مٿي تي سجايو ۽ پنهنجي غيرمشروط، بي مثل ۽ والهاڻي محبت سان ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان پا??ست??ن جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. اهو ئي سبب آهي جو پورو ملڪ ان علائقي جي حب الوطني جي جذبي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انهن جرئتمند ماڻهن سدائين جي لاءِ دشمن کي اهو به باور ڪرائي ڇڏيو ته گلگ?? بل??ست??ن پا??ست??ن جو حصو هو، آهي ۽ انشاءَ الله سدائين رهندو. نگران وزيراعظم چيو ته گلگ?? بل??ست??ن جا ماڻهو خوش قسمت آهن جو انهن جي بي مثال قربانين سان آزادي جي نعمت ملي پر افسوس جو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جا مسلمان اڄ تائين ڀارت جي غاصباڻي چنبي ۾ جڪڙيل آهن. جيتوڻيڪ ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جون واضح قراردادون موجود آهن پر ڀارت جي هٺ ڌرمي ۽ عالمي طاقتن جي خاموشي جي ڪري ڪشمير مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو. هن چيو ته آئون اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم ??وا?? سان يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته پا??ست??ن ڪشميرين جي ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد تيستائين جاري رکندو جيستائين انهن کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته اڄ آئون عالمي دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي تي پرامن حل چاهيون ٿا ۽ قبله اول جي زمين تي اسرائيل جي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سڄي دنيا ان حقيقت کان چڱي ريت واقف آهي ته گلگ?? بل??ست??ن بهترين موقعن ۽ امڪانن جي سرزمين آهي، قدرتي ۽ معدني وسيلن ۽ ??وا?? جي بي پناهه صلاحيتن سان گلگ?? بل??ست??ن خطي جو اقتصادي ۽ سياحتي مرڪز بڻجڻ جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته گلگ?? بل??ست??ن سميت پوري پا??ست??ن جي روشن مستقبل جي لاءِ اسان سڀني کي اتحاد ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪندي درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشمن جي ڪڌي مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. نگران وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن حڪومت گلگ?? بل??ست??ن ۾ ترقي، امن، خوشحالي ۽ نوجوان نسل جي ترقي جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.
قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشمن جي ڪڌن مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل