خرطوم -10 آڪٽوبر (اي پي پي) سوڊان ايران سان 7 سالن بعد ڪٽيل سفارتي ناتا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري م??ابق سوڊان جي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي، ته هو ايران سان ??اتا بحال ڪري رهيا آهن. وزارت چيو آهي، ته ناتا بحال ڪرڻ جو فيصلو ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجلاسن بعد ڪيو ويو آهي. ناتن جي بحالي سان ??نهي ملڪن کي گڏيل مفاد حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ايران طرفان ان حوالي سان اڃا تائين ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو. جڏهن ته ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جولاءِ ۾ چيو هو ته باڪو ۾ وقتي سوڊان جي پرڏيهي وزير علي الصادق سان سندس ملاقات بعد ٻئي ملڪ ناتا بحال ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙو اعلان ??نهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٿي?? ملاقات جي 3 مهينن بعد سامهون آيو آهي.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری