سيئول – 15 آگسٽ (اي پي پي) ڏکڻ ڪوريا جاپاني اڳواڻن طرفان تڪراري ياسوڪوني مزار جي دوري تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کي جاپان جي عسڪري ۽ نوآبادياتي ماضي جي علامت طور ڏٺو وڃي ٿو. پرڏيهي خابرو اداري مطابق خميس ڏينهن ڏکڻ ڪوريا جي پرڏيهي و??ار?? هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت ان حقيقت تي مايوسي ۽ افسوس جو اظهار ڪري ٿي ته جاپان جي ذميوار ا??واڻن هڪ ڀيرو ٻيهر ياسوڪوني مزار جو دورو ڪيو. و??ار?? جاپاني اڳواڻن تي زور ڀري?? ته هو تاريخ جي مڪمل ڄاڻ رکن ۽ پنهنجي عمل ذريعي جاپان جي ماضي جي معاملن تي پنهنجي پشيماني جو اظهار ڪن، سندن اهو عمل مستقبل تي ٻڌل ڏکڻ ڪوريا-جاپان جي لاڳاپن جي ترقي لاءِ هڪ اهم بنياد بڻجندو. جاپان جي وزير??عظ?? فوميوڪيشيڊا گذريل ڏينهن ٻئين عالمي جنگ ۾ جاپان پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ جا 79 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي سرڪاري ??خت??ارين تي ٻڌل وفد کي تڪراري ياسوڪوني مزار تي موڪليو هو.
ڏکڻ ڪوريا پاران جاپاني اڳواڻن جو تڪراري ياسوڪوني جي مزار جي دوري تي افسوس جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل