غزه-29 نومبر (اي پي پي) غز?? ۾ جنگ دوران پاورفل وڊيوز رپورٽنگ تي اي ا??ف پي جي ٻن صحافين بلال السباغ ۽ يوسف حسينا کي روري پيڪ ايوارڊ سان نوازيو ويو آھي. پرڏيھي رپورٽ مطابق اھو ايوارڊ وڊيو جرنلسٽ روري پيڪ جي نالي سان لاڳاپيل آھي جيڪو 1993ع ۾ ماسڪو ۾ قتل ڪيو ويو ھو. صحافي بلال السباغ جي عمر 33 ورھيه جڏھن ته يوسف جي عمر 47 ورھيه آھي. انھن کي جنگ وارن علائقن ۾ رپورٽنگ ڪرڻ تي سيپٽمبر ۾ بيوڪس جي لواڊوس ايوارڊ سان نوازيو ويو ھو. صحافي يوسف حسينا 2014ع کان اي ا??ف پي لاءِ غز?? ۾ ڪم ڪري رھيو آھي ۽ جنگ جي شروع کان وٺي ھيستائين کيس ڏھه ڀيرا ھجرت ڪرڻي پئي. ھو هن وقت ھڪ اھم غير جانبدار صحافي آھي جيڪو غز?? ۾ اي ا??ف پي لاءِ وڊيو رپورٽنگ ڪري رھيو آھي. فرانس جي پريس ايجنسي جي عالمي نيوز ڊائريڪٽر فل چيٽ ونڊ چيو ته اي ا??ف پي ۾ ھر ھڪ ماڻھو کي بلال ۽ غز?? ۾ سندس ساٿين جي ڪم تي فخر آھي. اھو ايوارڊ بظاھر ناممڪن حالتن ۾ سندن بھترين صحافت لاءِ خراج تحسين ۽ اهم حصو آھي. وڊيو ۽ آڊيو جي ڊپٽي نيوز ڊائريڪٽر گيلوم ميئر چيو ته اھو انعام بلال ۽ يوسف جي ھمٿ جي صلي ۾ آھي جن جي اي ا??ف پي لاءِ ڪيل ڪوريج سڄي دنيا جي ٽي وي اسٽيشنز کي غز?? ۾ تڪرار جي حقيقت ۽ غز?? ۾ شھري آبادي تي پوندڙ اثرن کي ڏيکاريو آھي.
اي ايف پي جي 2 صحافين کي غزه جنگ دوران پاورفل ڪوريج تي روري پيڪ وڊيو ايوارڊ سان نوازيو ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ