اسلام آباد – 31 آ??سٽ (اي پي پي) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) جي چيئرمين ابصار عالم چيو آهي ته پيمرا غيرقانون?? ڀارتي سيٽلائيٽ ڊشن ۽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينلز تي غيرقانون?? ڀارتي مواد ڏيکارڻ جي خلاف ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي. پيمرا هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پيمرا جي لائيسنس هولڊرز کي ٽي وي پروگرامن ۾ 10 سيڪڙو غيرملڪي مواد ڏيکارڻ جي اجازت آهي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته چينلز مستقبل ۾ ڀارتي پروگرامن جي مواد کي في ڪلاڪ 6 منٽ تائين محدود رکن. هن ڪيبل آپريٽرز ۽ ٽي وي چينلز جي انتظاميا کي چيو ته مشرف دور ۾ اخ??يا?? ڪيل رولز تي رضاڪ??را??ي طور تي عمل ڪن، ٻي صورت ۾ 15 آڪٽوبر کان سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا