اسلام آباد – 05 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اها ڀارتي والاريل ڪشمير ۽ ان سان گڏوگڏ اقليتن سان رياستي دهشتگردي جو نوٽيس وٺي. ريڊيو پاڪستان کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر چيو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال تي دنيا خاموش تماشائي جو ڪردار ادا نه ڪري. والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني قدم جي خلاف تمام گهڻو اشتعال موجود آهي ۽ جڏهن هڪ ڀيرو ??رف??و هٽايو ويندو ته ڀارتي عملدار ڪشميرين جو ردعمل ڏسي وٺندا. صدر پاڪستان ??رف??و ۽ مواصلاتي بليڪ آئوٽ کي فوري ختم ڪرڻ جي مطالبي کي ورجائيندي چيو ته ميڊيا کي حقيقتن تان پردو کڻڻ لاءِ واديءَ جو دورو ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت