اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي غاصباڻي قبضي ۽ گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي خصوصي يادگار ٽڪلي جاري ڪري ڇڏي آهي، ان خصوصي يادگار ٽڪلي جاري ڪرڻ جو مقصد ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ جاري ڀا??ت جي انسانيت دشمن سرگرمين ۽ ڄمون ۽ ڪش??ير جي مسلمانن تي ??يل ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کان دنيا کي آگاهه ڪرڻ آهي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ پوسٽل سروسز ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان پوسٽ پاران جاري ٿيندڙ يادگار ٽڪلي ڪش??يرين سان يڪجهتي جي اظهار جي پهرين ڪڙيءَ آهي، ان يادگار ٽڪلي جو مقصد دنيا کي اهو باور ڪرائڻ آهي ته ڪيئن ڀارت ڪش??ير جي معصوم عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جو راڄ قائم ڪيو آهي، ان جي هي عڪاسي ڪري ٿو، اها يادگار ٽڪلي سڄي دنيا ۾ ويندي ماڻهن کي احساس ٿيندو ته ڀارت ڪش??يري عوام تي ڪهڙِ طرح ظلم ۽ ڏاڍ جو طوفان برپا ڪري رکيو آهي، وزيراعظم عمران خان جي گڏيل قومن جي تقرير سان شروع ٿيندڙ سفر ڪش??ير جي آزادي جي تحريڪ کي هڪ نئين روح ڦوڪي آهي، وزيراعظم عمران خان جهڙي طرح چيو ته هو ڪش??ير جو سفير ۽ و??يل بڻجي اهو ڪيس وڙهندو، اهو سفر اڃا جاري آهي. هن چيو ته 5 آگسٽ تي ڀا??ت جي غيرقانوني قبضي ٿيل ڪش??ير ۾ ٻيهر ظلم ۽ ڏاڍ جي انتها ڪري ڇڏي آهي.
خصوصي يادگار ٽڪلي جاري ڪرڻ جو مقصد ڪشمير ۾ ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کان دنيا کي آگاهه ڪرڻ آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ