اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن ??ي عبادتگاهن ??ي حفاظت، سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي. هندو انتهاپسندن جي هٿان تاريخي بابري مس??د جي 31 هين شهادت جي ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ ڀارت ۾ تاريخي ”بابري مس??د“ جي شهيد ڪرڻ جي هڪ ??فسوسناڪ ياد ڏياري ٿو، اڄ جي ڏينهن 31 سال اڳ ڀارتي قانون لاڳو ڪندڙ عملدارن جي موجودگي ۾ هندو جنونينن جي هڪ هجوم ايوڌيا ۾ صدين پراڻي مس??د کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڀارت جي اعليٰ عدليه ان نفرت انگيز فعل جي ذميوار ڏوهارين کي نه رڳو آزاد ڪري ڇڏيو پر شهيد ڪيل مس??د جي جڳهه تي مندر جي تعمير جي پڻ اجازت ڏئي ڇڏي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ ايندڙ عام چونڊن کان ڪجهه مهينا اڳ ان مندر جو افتتاح جنوري 2024ع ۾ متوقع آهي. بيان موجب بابري مس??د جي شهادت جو سبب بڻجندڙ مسلمان مخالف جنون بدستور جاري آهي، ڪجهه هفتا اڳ ڀارتي رياست اتر پرديش جي وڏي وزير ان ڳالهه جو عوام ۾ کلي اظهار ڪيو ته مس??د کي شهيد ڪرڻ پاڪستان جي ڪجهه حصن تي ٻيهر دعويٰ ڪرڻ جي نموني طور تي ڪيو ويو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ۾ حڪمران طبقي سان تعلق رکندڙ عنصر مسلمانن جي خلاف هسٽريا ۽ نفرت کي هوا ڏئي رهيا آهن، اڄ هندو بالادستي جي لاءِ سرگرم گروهه ڪيترين ئي ٻين مس??دن کي مندرن ۾ تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن ??ن ۾ وارانسي جي گيانواپي مس??د ۽ مٿرا جي شاهي عيدگاهه مس??د شامل آهن. بيان موجب ڪيترين ئي مس??دن ۽ مزارن کي مختلف انتظامي قدمن يا عدالتي عمل جي آڙ ۾ اڳ ۾ ئي شهيد ڪيو ويو آهي، مسلمانن جون مقدس جايون به انتهاپسندن جي هجوم جي حملن جو نشانو بڻيل آهن. پرڏيهي آفيس چيو ته عالمي برادري کي ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا، نفرت انگيز تقريرن ۽ نفرت انگيز ڏوهن ??و نوٽيس وٺڻ گهرجي. بيان ۾ پاڪستان ڀارتي حڪومت تي زور ڏنو ته اهي اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن ??ي عبادتگاهن ??ي حفاظت، سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي.
ڀارتي حڪومت اقليتن خاص طور تي مسلمانن ۽ انهن جي عبادتگاهن جي حفاظت، سلامتي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائي: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس