مڪو شريف -02 جولاءِ (اي پي پي) سعودي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق ا??رب??عه حج 2024 (1445هه) لاءِ شروعاتي منصوبي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پروگرام تي عمل جي شروعات 16 سيپٽمبر 2023ع ??ان ڪئي ويندي. سعودي خابرو اداري مطابق حج ۽ عمري واري وزير طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته حج 2024ع لاءِ اڳ ۾ ??ان عملي طور تي ڪم جي شروعات ڪئي ويندي ته جيئن ڪمپنين طرفان حج پانڌيئڙن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تياري جو وقت ملي سگهي. هن چيو ته اي??دڙ حج لاءِ سيمينار منعقد ڪيا ويندا. لائسنس يافته ڪمپنين جي ڊج??ٽل رجسٽريشن جي شروعات ڪئي ويندي. هوائي ڪمپنين سان معاهدي لاءِ سول ايوي ايشن سان لاڳاپيل معاملن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. حج ويزائون جاري ڪرڻ جي حوالي سان هن چيو ته پهرين مارچ 2024ع (20 شعبان 1445هجري) ??ان ڊج??ٽل ويزائون جاري ٿيڻ شروع ٿي وينديون اهو سلسلو 29 اپريل 2024ع تائين جاري رهندو جڏهن ته 9 مئي 2024ع (پهرين ذوالقعد 1445) ??ان حج پانڌيئڙن جون اڏامون ملڪ اچڻ شروع ٿي وينديون.
سعودي حج ۽ عمري واري وزير جو حج (1445هه) 2024ع لاءِ شروعاتي منصوبي جو اعلان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا