رياض -06 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب غزه جي پٽي تي ايٽم بم ڪيرائڻ جي حوالي سان اس??ائيلي حڪومت جي هڪ وزير جي انتهاپسند بيانن جي شديد مذمت ڪئي آهي. سعودي ??اب??وا داري مطابق پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جا رمارڪس اس??ائيلي حڪومت جي ميمبرن ۾ انتهاپسندي کي ظاهر ڪن ٿا، پرڏيهي وزارت بيان ۾ چيو آهي، اس??ائيلي وزير کي فوري طور تي حڪومتن برطرف نه ڪرڻ ۽ رڳو ميمبرشپ جي معطلي سمورن انساني، اخلاقي، مذهبي ۽ قانوني معيارن ۽ قدرن کي مڪمل طور نظر انداز ڪرڻ آهي. يارهي ته اس??ائيل جي قومي ورثي واري وزير ايمچي ايل ياهو هڪ انٽرويو دوران چيو هو ته غزه تي نيوڪليئر بم ڪرائڻ هڪ آپشن آهي. اس??ائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي آفيس مان جاري بيان مطابق قومي ورثي واري وزير کي ايندڙ ح??م تائين اجلاسن ۾ شرڪت کان روڪيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن