بيجنگ -17 اپريل (اي پي پي) چين جي فيٽ ڊانگ لا??ي نالي سپر مارڪيٽ پنهنجي ملازمن لا??ِ سال ۾ 10 ڏينهن جون اداسي جون موڪلون (سيڊ ليوز) متعارف ڪرايون آهن. ميڊيا رپورٽن موجب فيٽ ڊانگ لا??ي ڪمپني جا ملازم جيڪڏهن اداس آهن ۽ انهن جي ڪم تي اچڻ لا??ِ دل نٿو چوي ته اهي سال ۾ 10 موڪلون ڪري سگهن ٿا. جڏهن ته انهن موڪلن کي مئنيجر پڻ رد نٿا ڪري سگهن. واضح رهي ته 1995ع ۾ ڄاڻايل نالي سان پهريون اسٽور شروع ڪندڙ ڪمپني جي مالڪ يو??ون?? لا??ي چيو آهي ته هر شخص جي زندگي ۾ اهڙو ڏينهن ايندو آهي جڏهن هو اداسي واري ڪيفيت مان گذرندو آهي، اها انساني فطرت آهي. هن چ??و ته جڏهن ملازم اداس هجن ت?? موڪل ڪري سگهن ٿا. موڪل ڪرڻ سان خوشي محسوس ڪري سگهندا. اهڙي طريقي سان ڪمپني انهن جي اداسي ختم ڪرڻ لا??ِ سهڪار ڪندي. ڪمپني جا ملازم اڳ ئي سال ۾ 40 موڪلون ڪندا آهن جڏهن ته ان کان سواءِ نئين سال جي جشن دوران 5 ڏينهن ڪمپني جا اسٽور بند رهندا آهن.
چين جي فيٽ ڊانگ لائي ڪمپني پنهنجي ملازمن لاءِ سال ۾ 10 ڏينهن جون اداسي جون موڪلون متعارف ڪرايون
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ