آستانه – 09 جون (اي پي پي) پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي مملڪتي سربراهه ڪائونسل جي 17 هين اجلاس دوران ايس سي او جو باضابطا طور تي مڪمل ميمبر بڻ??ي ويو. ق??اخ??تان جي صدر نور سلطان نذربايوف 17 هين ايس سي او سربراهه ڪانفرنس جي پڄاڻي تي باني ميمبرن پاران دستاويز تي صحيحن کانپوءِ ان ڏس ۾ باقاعده اعلان ڪيو. وزيراعظم محمد نواز شريف پنهن??ي وفد سان گڏ ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، واپار وارو وزير خرم دستگير ۽ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڄام ڪمال به وزيراعظم سان گڏ هئا. ق??اخ??تان جي صدر نور سلطان نذربايوف، چين جي صدر شي جن پنگ، ڪرغزستان جي ص??ر الماس بيگ اتام بايوف، روس جي صدر ولادي مير پيوٽن، تاجڪستان جي ص??ر امام علي رحمانوف، ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزوف، افغانستان جي ص??ر اشرف غني، بيلاروس جي ص??ر اليگزينڊر لوڪاشنڪو ۽ منگوليا جي صدر تاخيا جن البگدورج پنهنجي تقريرن ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف کي مبارڪباد ڏني.
پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جو مڪمل ميمبر بڻجي ويو
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا