اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ايران جي سرڪاري خا??رو ايجنسي (ارنا) جي بيورو چيف سيد بهادر حسيني ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مس??ود ملڪ سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته خبرن جي مٽاسٽا ۽ م??ڊي?? جي شعبي ۾ تعاون ۾ فروغ سان ٻنهي ??ائ?? ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو ۽ ان طرح جي قدمن سان ٻنهي پاسن کان عوام ۾ سڌي سنئين رابطي کي فروغ ملڻ سان گڏوگڏ سفارتي لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام ايندو. ايراني سرڪاري خا??رو اداري ارنا جي بيورو چيف بهادر حسيني تهران ۾ ارنا جي هيڊ آفيس جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ لاءِ اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻه طرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ايم ڊي اي پي پي مس??ود ملڪ ايندڙ سال ارنا جي صدر آفيس جو دورو ڪرڻ جي دعوت قبول ڪندي چيو ته م??ڊي?? ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مس??حڪم ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ??ري سگهي ٿو.
ايراني خابرو ايجنسي جي بيورو چيف جي اي پي پي جي ايم ڊي مسعود ملڪ سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : بونانزا