راملا -27 فيبروري (اي پي پي) فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت ۾ اضافي کي نظر ۾ رکندي اسلامي سهڪار تنظيم پنهنجو غير معمولي ??جل??س طلب ڪيو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق اسلامي تعاون تنظيم جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو غير معمولي ??جل??س (اڄ) 28 فيبروري اڱاري تي ڪيو ويندو. هي ??جل??س تازو اولهندي ڪناري نابلوس ۾ يهودي فورسز طرفان کُلي جارحيت ۾ 11 فلسطينين کي شهيد ۽ 100 کي زخمي ڪرڻ ۽ ٻين ڪارروائين کي نظر ۾ رکي طلب ڪيو ويو آهي. هي ??جل??س مسلسل اسرائيلي ڏوهن جي خاتمي لاءِ پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۽ فلسطيني عوام لاءِ ضروري عالمي تحفظ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيڻ لاءِ سڏايو ويو آهي. فلسطينين کي تحفظ ڏيڻ جي حوالي سان هي ??جل??س عالمي برادري سان مربوط ڪوششن جي فريم ورڪ تحت آهي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ