خرطوم-23 نومبر(اي پي پي) سوڊان جي خودمختياري ڪائونسل جي صدر عبدالفتاح البر??ان 4 وزيرن ۽ 6 رياستي گورنرن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي. سعودي خابرو اداري العربيه موجب ڪائونسل هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ان فيصلي ۾ گهرو وزير خالد محي الدين، انصاف واري وزير محمد الحلو، صنعت واري وزير بتول عوض ۽ مذهبي معاملن واري وزير عبدالعاطي عباس کي برطرف ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به چئني وزيرن جي برطرفي جو سبب ناهي ٻڌايو ويو. عبدالفتاح البر??ان برطرف ڪيل وزيرن جي جاءِ تي خليل امر قل کي گهرو وزير، معاويه خير کي انصاف وارو وزير، محاسن يعقوب خان کي صنعت وارو وزير ۽ اسامه احمد کي مذهبي معاملن ۽ اوقاف جو وزير مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. صدر عبدالفتاح البر??ان 6 رياستن الجزيره، ڪسلا، اتر رياست، اولهه ڪرد فان، سينٽرل دار فور ۽ ڏکڻ دار فور جي گورنرن کي به برطرف ڪري ڇڏيو آهي، اهو قدم ان وقت سامهون آيو جڏهن گ??يل قومن جي انساني معاملن ۽ هنگامي امداد جي بابت انڊر س??ڪريٽري، مارٽن گريفٿس تازي بيان ۾ چيو ته سوڊان ۾ 7 مهينن کان وڌيڪ عرصي کان جاري تڪرار جو خاتمو نظر نه اچي رهيو آهي، هن دار فور ۾ شهرين جي نقصانن کي خوفناڪ قرار ڏنو ۽ نشاندهي ڪئي ته خرطوم ۾ هاڻي به انساني امداد جي پهچ نه ٿي رهي آهي، هن جو چوڻ هو ته جنگ ختم ۽ سمورين ڌرين کي جده ڳالهين ۾ ڪيل واعدن جو احترام ڪرڻ گهرجي، يا د رهي ته سوڊاني فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز وچ ۾ اپريل کان جنگ جار ي آهي.
سوڊان: خودمختياري ڪائونسل جي صدر عبدالفتاح البرهان 4 وزيرن ۽ 6 رياستي گورنرن کي برطرف ڪري ڇڏي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج