واشنگٽن-23 سيپٽمبر (اي پي پي) خلائي تحقيق جي نجي آمريڪي ڪمپني اسپيس ا??ڪس ا??ندڙ 6 سالن ۾ مريخ تي انسان بردار مشن روانو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ايڪس تي جاري هڪ پيغام ۾ اسپيس ا??ڪس جي سي اي او ايلون مسڪ چيو آهي ته سندس اسپيس ٽيڪ ڪمپني، اسپيس ا??ڪس ا??ندڙ 2 سالن ۾ مريخ تي لڳ ڀڳ 05 بنا عملي جي خلائي مشن روانو ڪرڻ جو م??صوبو ٺاهي رهي آهي. جيڪڏهن اهي خلائي جه??ز مريخ تي حفاظت سان پهچي وڃن ٿا ته ايندڙ 4 سالن ۾ مريخ تي انسان بردار مشن روانو ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته اهڙيءَ طرح جا مشن هر ٻن سالن کان پوءِ ان وقت روانو ڪيا ويندا جڏهن زمين ۽ مريخ سڌائي ۾ اچن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن مريخ سندن طئي ٿيل منصوبي تي ناڪام به ٿي وڃي ٿو تڏهن به اسيپس ا??ڪس هر ٽرانزٽ جي موقعي سان مريخ تي سفر ڪندڙ خلائي جه??زن جي انگ ۾ اضافو ڪندو رهندو، تنهنڪري پهريان انسان بردار مشن جي ٽائيم لائن بنا عملي جي اُڏامن جي ڪاميابي تي ڀاڙڻ هوندو. ايلون مسڪ وڌيڪ چيو ته اسان ڪنهن به اهڙي ??خص کي مريخ تي وڃڻ جي قابل بنائڻ چاهيون ٿا جيڪي خلائي مسافر بڻجڻ چاهين ٿا.
ايلون مسڪ پاران ايندڙ 6 سالن ۾ مريخ تي انسان بردار مشن روانو ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج