گڏيل قومون-23 آڪٽوبر (ا?? پي پي) پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو گڏيل قومن جي ??هتمام هيٺ ووٽنگ ذريعي ڪشميري عوام جي ??ود اراديت وارو حق حاصل ڪرڻ ۽ سندن انساني حقن جي ??لاف ورزين جو سلسلو ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عثمان جدون والاريل فلسطين جي ??نگين صورتحال تي به خيالن جو اظهار ڪيو. پاڪستاني نمائندي جنرل اسيمبلي جي ٽئين ڪميٽي ۾ انساني حقن کي هٿي ۽ تحفظ جي ??وض??ع تي مباحثي دوران ٻڌايو ته والاريل فلسطيني علائقن ۾ غير قانوني وسندين جي ??وسيع، اسرائيلي قابض فوج طرفان طاقت جي ??ستعمال ۽ غزه جي ناڪه بندي سنگين خلاف ورزيون آهن جيڪي عالمي برادري جي فوري ڌيان جون گهرجائون آهن. هن وقت جاري جنگ ۾ فلسطيني عوام خلاف انسانيت خلاف ڏوهن جو خاتمو ٿيڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت جي ??ير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ به ضرورت کان وڌيڪ طاقت جو استعمال، جبري گمشدگيون، من ماني، نظربنديون ۽ اظهار راءِ جي ??زادي تي پابنديون گڏيل قومن جي ??نساني حقن ۽ انساني حقن واري ڪائونسل بابت هاءِ ڪمشنر وٽ ٻن درجن کان وڌيڪ رپورٽن ۾ داخل آهن. هن چيو ته اهي خلاف ورزيون 5 آگسٽ 2019?? کان ڀارت جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کانپوءِ شدت اختيار ڪري ويون آهن جن جو مقصد ڄمون ڪشمير تي ڀارتي حڪومت جي ناپاڪ حتمي حل مڙهڻ آهي. نمائندي چيو ته عالمي برادري اڪثر شهري ۽ سياسي حقن تي زور ڀريندي آهي پر اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي حقن کي ترجيح نٿي ڏني وڃي، اهو عدم توازن نه رڳو ناانصافي آهي پر اڻبرابري کي به هوا ڏئي ٿو. تعليم، صحت، باعزت روزگار ۽ مناسب زندگي جي معيار جو حق به ايترو ئي بنيادي آهي. ان لاءِ انساني حقن جي ??لاف ورزين جي ??نيادي سببن جهڙوڪ غربت، بک ۽ اڻبرابري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي ڀارت کي دهشتگردي جو مرڪز قرار ڏيندي چيو ته ڀارتي اڳواڻ پنهنجي ??ياستي سرپرستي جي پاليسي تي عمل پيرا آهن. ( ٽي ٽ?? پي) تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ (بي ايل اي) بلوچستان لبريشن آرمي جهڙين دهشتگرد تنظيمن کي فنڊنگ ۽ هٿياربند ڪري رهيا آهن. انهن تنظيمن جي پاڪستان اندر دهشتگرد حملن ۾ هزارين بي گناهه عورتون، مرد ۽ ٻار شهيد ٿيا، ڪلڀوشن ياديو جهڙن ايجنٽن سڄي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ تشدد پکيڙيو ۽ ڀارت جي ??هشتگرد فرنچائيز هاڻي علائقائي ۽ عالمي سطح تي هلي وئي آهي. پاڪستاني نمائندي ان موقعي تي ڀارت ۾ منظم امتيازي سلوڪ، نفرت انگيز ڏوهن ۽ 20 ڪروڙ کان وڌيڪ مسلمانن تي جاري ظلم ۽ ستم جو به حوالو ڏنو. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن جي نسل ڪشي جي ??وامي مطالبن، گجرات، ممبئي ۽ دهلي ۾ هزارين بي گناهه مسلمانن جو قتل، مذهب جي ??بري تبديلي، بابري مسجد سميت سوين مسجدن جي ??ي حرمتي ۽ انهن جي ??اين تي مندرن جي ??عمير، امتيازي شهريت ترميمي قانون ۽ لو جهاد جي قانونن ۽ سياسي اڳواڻن طرفان نفرت ڦهلائيندڙ تقريرون، مسلمانن کي گرين وائرس چوڻ ڀارت ۾ معمول بڻجي ويو آهي.
عالمي برادري ڪشميري عوام جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري: پاڪستاني نمائندو
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ