ماسڪو-08 نومبر (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ڊونلڊ ٽرمپ کي آمريڪا جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪ??ن ڏيندي چيو آهي ته نئين آمريڪي صدر سان رابطو بحال ڪرڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي . پرڏيهي ميڊيا ??طا??ق هن نيوولدائي فورم سان خطاب ۾ چيو ته ٽرمپ سان رابطو ڪرڻ ڪا غلط ڳالهه نه هوندي . هو پنهنجي چونڊ مهم دوران قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيو هو . هن چيو ته ٽرمپ وڏي همت جو مظاهرو ڪيو ۽ هڪ بهادر ماڻهو وانگر ڪم ڪيو . نئين صدر جا روس سان لاڳاپا بحال ڪرڻ ۽ يوڪرين بحران جي خاتمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي خواهش ڌيان جي مستحق آهي . هن چيو ته هو پاڻ ٽرمپ سان رابطو ڪرڻ ۾ عار محسوس نٿو ڪري . کيس ڊونلڊ ٽرمپ سان رابطي کي ٻيهر شروع ڪرڻ ۾ قطعي ڪو اعتراض ناهي . روس جي صدر چيو ته هن وٽ پ??هنجي دفاع لاءِ ڀروسي جوڳا هٿيار موجود آهن ۽ مسلسل تيار ٿي رهيا آهن ۽ اهڙا هٿيار رکندڙ ملڪن جي انگ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي . ڪو به ملڪ ??ن ڳالهه جي ضمانت نه ڏيندو ته سندن سلامتي کي خطرو لاحق ٿيڻ تي انهن کي استعمال نه ڪيو ويندو . هن زور ڀريو ته دنيا هڪ خطرناڪ موڙ تي پهچي چڪي آهي . سڀ کان وڏا ايٽمي هٿيار رکندڙ ملڪ ??وس کي اسٽريٽجڪ شڪست ڏيڻ جا مطالبا اولهه سياستدانن طرفان خطرناڪ مهم جوئي کي ظاهر ڪن ٿا.
نئين آمريڪي صدر سان رابطو بحال ڪرڻ ۾ ڪا به رڪاوٽ ناهي: روس جو صدر
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز