اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ??يو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جو ڌيان فلمي صنعت جي بحالي ۽ ترقي تي آهي ۽ حڪومت پاڪستان فلم انڊسٽري جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ڀارتي فلمن جي نمائش جي اثرن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ موجوده پاليسي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن ??يو ته پاڪستاني سئنيما انڊسٽري جي بحالي ۽ فروغ جي لاءِ ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ پاليسي جوڙي وئي آهي ته جيئن فلم انڊسٽري کي فروغ ڏئي قومي ثقافت کي وڌائي سگهجي. پن??نج?? بيان ۾ مملڪتي وزير ??يو ته وزيراعظم پاڪستاني فلم انڊسٽري کي درپيش چئلينجن جي حل لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جنهن ۾ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ناليو??رن فنڪارن، پروڊيوسرز ۽ نمائش ڪندڙن سميت سمورين ڌرين شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی