اوڪاڙه – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته 2018ع ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو، تربيلا، ني??م جهلم ۽ ٻين بجلي جي منصوبن تي تيزي سا?? ڪم جاري آهي، 960 ميگاواٽ جو ني??م جهلم جو منصوبو ايندڙ سال مڪمل ٿ??ندو، نواز شريف ڪنهن جي چوڻ تي استعيفيٰ نه ڏيندو، اسان کانسواءِ ڪنهن موٽرويز تي ڌيان نه ڏنو، سڄي ملڪ ۾ ترقياتي ڪم جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اوڪاڙه ۾ مسلم ليگ (ن) جي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته عوام جو جوش 2013ع جو منظر ياد ڏياري رهيو آهي، آئون اوڪاڙه سان ۽ اوڪاڙه جي عوام مون سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿي. وزيراعظم ان موقعي تي ديپالپور فلائي اوور جي تعمير ۽ سوئي گئس جي فراهمي، رستن جي تعمير ۽ مرمت جو اعلان ڪيو. هن چيو ته ديپالپور فلائي اوور جي تعمير تي 74 ڪروڙ رپيا خرچ ٿ??ندو جڏهن ته رستن جي تعمير ۽ مرمت تي 20 ڪروڙ رپيا خرچ ٿ??ندا.
2018ع ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر