ڪراچي – 28 اپريل (اي ??ي پي) وزيراعظم شاهد خاقان ع??اسي نجي شعبي تي زور ڏنو آهي ته ڪراچي جي غريب عوام کي بنيادي صحت جي معياري سهولتن جي فراهمي لاءِ اڳتي اچي ۽ پنهنجو ??ردار ادا ڪري، حڪومت صحت جي شعبي ۾ جديد سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪ??شش ڪري رهي آهي پر حقيقت اها آهي ته نجي شعبو سرڪاري شعبي جي ڀيٽ ۾ بهتر خدمتون فراهم ڪري سگهي ٿو، ٻنهي سرڪاري ۽ نجي شعبن کي گهرجي ته معاشري جي غريب طبقي کي صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم دارالصحت اسپتال ??ي وليد آڊيٽوريم ۾ ڊائيلاسز سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار