اسلام آباد – 03 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ت??ميراتي شعبي لاءِ مراعتي پيڪيج، ڪنسٽرڪشن انڊسٽري ڊولپمنيٽ بورڊ قائم ڪرڻ ۽ تعميراتي شعبي کي 14 اپريل کان کولڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته هلندڙ سال تعميراتي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙن کان آمدني جو ذريعو نه پڇيو ويندو، فڪسڊ ٽيڪس لاڳو هوندو، سيمنٽ ۽ اسٽيل انڊسٽري کانسواءِ سمورن ت??ميراتي شعبن تي ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪ??و ويو آهي، نئين پاڪستان ??ائوسنگ اسڪيم لاءِ 30 ارب جي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، گهر وڪرو ڪ??دڙن کان ڪيپيٽل گين ٽيڪس نه ورتو ويندو، مڪمل لاڪ ڊائون س??ن امن امان جي صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي، 22 ڪروڙ ماڻهن کي بند نٿا ڪري سگهون، سڄي قومي گڏجي ڪورونا کي شڪست ڏيندي، خيراتي ادارن جي سرگرمين کي جامع بڻائينداسين، زراعت ۽ مال بردار ٽرانسپورٽ جو شعبو مڪمل طور تي کليل آهي، ارڙهين ت??ميم کانپوءِ اهڙو ڪ?? به ڪم نٿا ڪرڻ چاهيون جنهن م??ن ائين معلوم ٿئي ته وفاق ڪجهه زبردستي ڪري رهيو آهي، ٽائيگر فورس اوڙي پاڙي ۾ وڃي ماڻهن ک?? آگاهي فراهم ڪندي، پرائيويٽ اسڪولن جي فيسن بابت پاليسي ٺاهي رهيا آهيون، ڪورونا رليف فنڊ ڪمزور طبقي جي لاءِ قائم ڪيو ويو آهي، بجلي ۽ گئس جي بلن جي ادائيگي ۾ ٽن مهينن جو رليف ڏنو ويو آهي، ڪنهن جو ڪ??يڪشن نه ڪٽيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جمعي ڏينهن ت??ميراتي شعبي جي لاءِ مراعتي پيڪيج جو اعلان ڪندي ڪيو.
وزيراعظم پاران تعميراتي شعبي لاءِ مراعتي پيڪيج، ڪنسٽرڪشن انڊسٽري ڊولپمنيٽ بورڊ قائم ڪرڻ ۽ تعميراتي شعبي کي 14 اپريل کان کولڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ