اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته اڄ ڀارت جي والاريل ڪشمير تي زبردستي قبضي جا 73 سال م??مل ٿي چڪا آهن، دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويدار هندستان جو اصل چهرو دنيا جي سامهون بي نقاب ٿي چڪو آهي، هڪ سال کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي سڄي وادي جيل جي صورت اختيار ڪري وئي آهي، معصوم ڪشميرين تي جيڪو ظلم بر??ا ڪيو پيو وڃي ان جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته اڄ ڀارت جي والاريل ڪشمير تي زبردستي جا 73 سال م??مل ٿي چڪا آهن، اسان اهو ڏٺو آهي ته ان عرصي دوران ڪشميري عوام تي ظلم ۽ بربريت بر??ا ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم