لاهور – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين چيو آهي ته ميڊيا ورڪرز جي حقن تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي، قانونن ۾ موجوده فريم ورڪ ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، ميڊيا ورڪرز جي آزادي لاءِ ميڪنزم آڻڻ چاهيون ٿا. اها ڳالهه هن ايوان اقبال لاهور ۾ سي پي اين اي جي عهديدارن سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته اسان جيڪي به قانون آڻينداسين، ميڊيا جي مشاورت س??ن آڻينداسين، هن چيو ته قانونن جي موجوده فريم ورڪ ۾ تبديلي جي ضرورت آهي، سوشل ميڊيا ريگوليشنز اڻٽر آهي، وفاقي وزير ??يو ته باقي معاملن کي آرڊيننس جي شڪل ۾ آڻڻو آهي يا ابل جي شڪل ۾، ??ربيونل ۽ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ جي هيئت ڪهڙي هجڻ گهرجي، ان ۾ جن ترميمن جي ضرورت آهي ان باري ۾ سي پي اين اي کي آگاهه ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ميڊيا ورڪرز جي حقن تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي.
ميڊيا ورڪرز جي حقن تي ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، حڪومت ميڊيا جي آزادي تي يقين رکي ٿي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب