اسلام آباد – 05 جو?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي امير ترين ملڪن گوبل وارمنگ جي مقابلي لاءِ مناسب قدم ناهن کنيا، پاڪستان گرمي پد ۾ گهٽتائي جي حوالي سان دنيا جي ڪنهن به ٻي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو آهي. ڇنڇر 5 جو?? 2021ع تي ملهايو ويندڙ گڏيل قومن جي ”ماحوليات جي سالياني عالمي ڏينهن“ جي ميزباني پاڪستان ڪري رهيو آهي، تازن سالن ۾ پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ شديد ٻوڏن سبب وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، جنهن جي ڪري لکين ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پون??ي آهي جڏهن ته ٻوڏ سبب زرعي زمين به شديد متاثر ٿين??ي آهي، برطانوي خابرو اداري رائٽرز سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان سوال ڪيو ته ڇا ترقي يافته دنيا ان حوالي سان مناسب ڪم ڪيو آهي؟ جنهن جو جواب نفي ۾ آهي، هن چيو ته ماحول دشمن گيسز جو وڌيڪ اخراج ترقي يافته ملڪن ۾ آهي ۽ آئون سمجهان ٿو ته انهن گئسن جي اخراج کي روڪڻ لاءِ مناسب قدم ناهن کنيا ويا، وزيراعظم عمران خان چيو ته هلندڙ سال ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ايڪو سسٽم جي بحالي جي ڏهاڪي جو آغاز ڪيو پيو وڃي. هن ايڪو سسٽم کي پهچندڙ نقصان جي خاتمي ۽ ان جي بحالي لاءِ تيز ترين قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان ۾ بحالي جا ڪيترائي قدم کنيا ويا آ??ن جنهن ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو منصوبو به شامل آهي ان سلسلي ۾ هلندڙ هفتي جي دوران وزيراعظم ان مهم تحت اربين وڻ لڳايا آ??ن
پاڪستان گرمي پد ۾ گهٽتائي جي حوالي سان دنيا جي ڪنهن به ٻي ملڪ جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪم ڪيو آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن