اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ ??يئرمين محمد صادق سنجراڻي وزيراعظم جي پلانٽ فار پاڪستان وڻڪاري مهم تحت پارليامينٽ لاجز ۾ ٻوٽو لڳايو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي سينيٽ ??يئرمين چيو ته پاڪستان کي ??وس??ياتي تبديلي جي صورت ۾ تمام وڏو چئلينج درپيش آهي، وڌيڪ وڻ هڻي اسان ??وس??ياتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته ماحول دوست قدم اسان جي ترجيحن ۾ شامل هجڻ گهرجن، ماحول دوست روين جي فروغ لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضر??رت آهي، ??وس??ياتي تبديلين جي اثرن کي ڀرپور وڻڪاري ۽ ماحول دوست قدمن سان کي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. سينيٽ ??يئرمين چيو ته عوام وزيراعظم عمران خان جي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم ۾ حصو وٺي وڻ هڻي ۽ ماحول دوست رويو اختيار ڪري. هن چيو ته ??وس??ياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر قانونسازي جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪاربن جو خارج ??هٽ ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ هائوس شمسي توانائي سان بجلي جي ضر??رتن کي پورو ڪري رهيو آهي. سينيٽ ??يئرمين چيو ته هڪ اندازي موجب هن وقت پاڪستان جي رڳو 5.7 سيڪڙو زمين ٻيلن تي ٻڌل آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، وڻ لڳائڻ سان نه رڳو اسان جو ماحول خوبصورت ٿيندو پر وڻ آڪسيجن جو اهم ذريعو به آهن. صادق سنجراڻي چيو ته تعليمي ۽ سماجي ڌرين سميت قومي وڻڪاري مهم ۾ انفرادي طور تي هر هڪ کي حصو وجهڻ گهرجي ته جيئن پاڪستان کي سرسبز شاداب بڻائي سگهجي. واضح رهي ته وزيراعظم عمران 2 سيپٽمبر 2018ع تي 10 بلين ٽري سونامي مهم شروع ڪئي، پلانٽ فار پاڪستان 5 سالا منصوبي ۾ 2023ع تائين 10 بلين وڻ لڳائڻ جو هدف آهي.
سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي وزيراعظم جي پلانٽ فار پاڪستان وڻڪاري مهم تحت پارليامينٽ لاجز ۾ ٻوٽو لڳايو
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha