اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) ازبڪستان جو صد?? شوڪت مرزيوئيف وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سڀاڻي خميس ڏينهن پاڪستان پهچندو. ازبڪ صد?? سان گڏ هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ هوندو جنهن ۾ پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ٻيا ميمبر، اعليٰ سرڪاري آفيسر، ڪاروباري ۽ ميڊيا ميمبر شامل هوندا. 2016ع ۾ صد??رتي عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ازبڪ صد?? مرزيوئيف جو پاڪستان جو هي پهريون دورو هوندو. ازبڪ صد?? اهڙي وقت ۾ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي جڏهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جا 30 سال مڪمل ٿي ويا آهن. پرڏيهي آفيس موجب دوري دوران پاڪ ازبڪ اڳواڻ سياسي، واپاري، اقتصادي رابطن، تعليم، ثقافت، سلامتي ۽ دفاعي شعبن ۾ تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. ان کانسواءِ ٻئي اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ ڪيترن ئي ٻطرفن معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي ??حي??ون ڪندا. وزيراعظم عمران خان ازبڪستان جي صد?? سان ون آن ون ملاقات ڪندو جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۽ گڏيل ميڊيا اسٽيڪ آئوٽ ٿيندو. وزيراعظ?? ازبڪ صد?? جي مان ۾ هڪ مانجهاندو پڻ ڏيندو. ازبڪ صد?? مرزيوئيف ۽ صد?? عارف علوي جي وچ ۾ پڻ ملاقات ٿيندي. ٻئي ڌريون سياسي ۽ اسٽريٽجڪ رابطا وڌائڻ، تيزي سان وڌندڙ واپار، ٽرانزٽ ۽ اقتصادي لاڳاپن، رابطن ۾ اضافي، تعليمي ۽ ثقافتي تعاون جو فروغ، پاڪستان ۽ ازبڪستان ۽ افغانستان کي ڳنڍيندڙ ٽرانس افغان ريلوي پراجيڪٽ جا معاملا بحث هيٺ ايندا. ٻنهي ملڪن جي اهم واپارين جي وچ ۾ پڻ نتيجاخيز ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ازبڪ صد?? جي دوري کان اڳ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اڄ 2 مارچ 2022ع تي اسلام آباد ۾ گڏيل وزارتي ڪميشن جو 7 هون اجلاس ۽ ٻيو جوائنٽ بزنس فورم منعقد ٿيندو. پاڪستان ”ويزن سينٽرل ايشيا“ فريم ورڪ تحت وچ ايشيائي ملڪن سان پنهنجي رابطن کي وڌايو آهي. ان ويزن ۾ سياسي، سفارتي، واپاري، سيڙپڪاري، توانائي ۽ رابطن، سلامتي ۽ دفاع جا شعبا شامل آهن.
ازبڪستان جو صدر شوڪت مرزيوئيف وزيراعظم عمران خان جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي خميس ڏينهن پاڪستان پهچندو
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری