??سل??م آباد – 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو دورو ڪندو، اهو دورو پاڪستان جي روايتي بااعتماد ??وستن ۽ ڀائر ملڪن سان ٻطرفي لاڳاپن جي تجديد جي سلسلي جي ڪڙي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي فروغ کانسواءِ سيِڙپڪاري، واپار، صحت، تعليم، ثقافت ۽ گڏيل مفادن جي ٻين شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان به نهايت اهم آهي، هن چيو ته پاڪ ??رڪي بزنس ڪائونسل جو اجلاس، ترڪ سيڙپڪارن ۽ واپارين سان ملاقاتون ٿينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم دوري دوران مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي مزار تي حاضري ڏيندو، ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان وزيراعظم ترڪي ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي يادگيري نشان جاري ڪندو. صدر اردوان وزيراعظم جي اعزاز ?? آجياڻو به ڏيندو.
وزيراعظم شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو دورو ڪندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی