نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) ماحو??يا??ي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان نيويارڪ ۾ ڪلائميٽ اينڊ ڊيولپمينٽ وزارتي اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي بر??انيا ۽ روانڊا پاران منعقد اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ماحو??يا??ي بحران آڏو فرنٽ لائين ۾ بيٺل آهي، دنيا کي بحث مباحثي مان نڪري فيصلا ڪرڻا ??وندا. هن چيو ته پاڪستان گرين هائوس گيسز جي مجموعي اخراج ۾ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصيدار آهي، ان جي باوجود اسان جنهن سطح جو نقصان بر??اشت ڪري رهيا آهيون ان جو ڪير ڪاٿو نه ٿو لڳائي سگهي. شيري رحمان چيو ته پاڪستان ۾ رڪارڊ بر??اتن کانپوءِ تاريخي ٻوڏ غيرمعمولي تباهي مچائي آهي، بر??اتن ۽ ٻوڏ جي مختلف واقعن ۾ 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 12860 زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته بر??اتن ۽ ٻوڏ جي ڪري 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر جڏهن ته 20 لک کان وڌيڪ گهرن کي نقصان ٿيو آهي، هڪ وقت ۾ ٽيڻ تي پاڪستان پاڻي ٻوڏ هي?? آهي. شيري رحمان چيو ته ٻوڏ واري پاڻي جي نڪرڻ ۾ ڪيترائي مهينا لڳي ويندا، ٻوڏ جي پاڻي سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جي ڪري ملڪ ۾ صحت جو نئون بحران پيدا ٿي ويو آهي، رڳو سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ قائم ه??لٿ ڪئمپسز ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 78000 مريض آيا آهن. هن چيو ته ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ اڃا به ڪيترائي فوٽ ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏل آهن، خوفناڪ ٻوڏ سان ٿيندڙ معاشي نقصان جو ڪاٿو 30 ملين ڊالر کان وڌيڪ لڳايو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته اسان ماحو??يا??ي تبديلين جو سبب نه ٿا بڻجون پر پوءِ به اسان قدرتي آفتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسان جون ڍنڍون وِگهري رهيون آهن، اسان کي شديد گرمي جي لهر، سوڪهڙي ۽ ٻوڏ جهڙين آفتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي پنهنجي ڪاربان فوٽ پرنٽ کي تسليم ڪرڻ ۽ اخراج کي محدود ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻا ??وندا، ماحو??يا??ي تبديلي جا اثر رڳو پاڪستان تائين محدود نه رهندا ڇو ته ماحو??يا??ي تبديلي جي اثرن ۽ تباهين جي ڪا سرحد نه آهي.
پاڪستان ۾ ٿيل نقصان جو ڪوبه ڪاٿو نٿو لڳائي سگهي: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نمبر