اسلام ??با??– 23 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت ۽ اسلامو فوبيا جي خلاف اجتماعي عزم جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ اسلام جي مقدس ڪتاب جي توهين سان اربين مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪيو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس و??گ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته قرآن جي توهين جو عمل جاهلاڻو، چڙ ??ياريندڙ ۽ اسلامو فوبڪ آهي. اهو غيرقانوني ۽ غير اخلاقي واقعو بنا سبب چڙ ??ياريندڙ ۽ دنيا جي مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪرڻ جو عمل آهي. هن چيو ته اهو مذمت جوڳو عمل عالمي س??ح تي تسليم ٿيندڙ اصولن ۽ اظهار جي جائز آزادي جي اصولن جي ابتڙ آهي. صدر چيو ته اظهار راءِ جي آزادي نفرت انگيز تقريرن ۽ ماڻهن کي تشدد تي اتساهڻ جي اجازت نه ٿي ڏي. اسلام دنيا جي سڀني مذهبن جي لاءِ عزت ۽ احترام جي تلقين ڪري ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان ڪڌي فعل سان مسلمانن جي مقدس قدرن جي توهين ڪري ڏک پهچايو آهي. اهو عمل دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي خطرناڪ سطح کي ظاهر ڪري ٿو. صدر چيو ته عالمي برادري اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل عزم جو مظاهرو ڪري. هن رواداري ۽ گڏيل بقاءَ جي قدرن کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نفرت جي نظريي کي فروغ ڏيندڙ ۽ انتهاپسند ۽ بنيا?? پرست عنصرن کي نفرت پکيڙڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.
صدر پاران سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت ۽ اسلامو فوبيا جي خلاف اجتماعي عزم جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : پنجاب لاٹری