اسلام آباد– 27 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان فلسطين ج?? شهر جنين تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هڪ وڏي عمر جي عورت سميت ڪيترائي بيگناهه فلسلطيني شهيد ۽ 20 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب هلندڙ مه??ني ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 30 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيلي قابض فوج جي ان??ن ڪاررواين کي روڪرائڻ ۽ فلسطيني عوام جي انساني حقن ج?? مناسب تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۾ پنهنجي ذميواري ادا ڪري. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام جي بنيادي حقن بشمول خودمختياري جي حق کي مڪمل حاصل ڪرڻ جي لاءِ ان??ن ج?? جائز جدوجهد جي پنهنجي مضبوط ۽ اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو. بيان موجب پاڪستان ج?? حڪومت ۽ عوام متاثرين ج?? گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخمين ج?? مڪمل ۽ جلد صحتيابي جي لاءِ ن??ڪ خواهشن ج?? اظهار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب 1967ع کان اڳ جي سرحدن ۽ القدس الشريف کي ان ج?? گادي واري شهر جي طور تي هڪ قابل ??مل ۽ آزاد فلسطيني رياست جي لاءِ پنهنجي مطالبي جي تجديد ڪري ٿو.
پاڪستان پاران فلسطين جي شهر جنين تي اسرائيل جي وحشياڻي حملي جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر