نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته ??ئناڊا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل ۾ ڀارتي عملدارن جي ملوث هجڻ جا الزام ڀارت سان 70 سالا تجربي خاص طور تي ڪلڀوشن ياديو جي روشني ۾ اسان جي لاءِ حيرت جي ڳالهه نه آهي ڇو ته اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي فطرت ۽ طرز عمل کي ڄاڻون ٿا. پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري سائرس قاضي گذريل رات نيويارڪ ۾ نيوز بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ??ئناڊا جي و??يراعظم جسٽن ٽروڊو جو بيان ته ان وٽ سک اڳواڻ هرديپ سنگهه نجار جي قتل ۾ ڀارت جي و??بستگي جا معتبر ثبوت آهن، اهي الزام ڪجهه حقيقتن تي ٻڌل هوندا. هن ڀارت جي رڪارڊ تي ڳالهه ڪندي چيو ته پاڪستان ملڪ ۾ فساد پکيڙڻ جي لاءِ داخل ٿيندڙ ڀارت جي جاسوس نيول آفيسر ڪلڀوشن ياديو کي حراست ۾ رکيو جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو. هن چيو ته ??ئناڊا جي و??يراعظم پاران الزام ڀارت سان 70 سالا تجربي جي روشني ۾ اسان جي لاءِ حيرانگي جي ڳالهه نه آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ملڪ ڀارت کي سمجهي ٿو ته اهو اسان آهيون، اسان جو ڀارت سان 70 سالن جو تجربو آهي، پاڪستان فيبروري 2019ع ۾ پنهنجي دفاع جي لاءِ ڀارت جي سنيڪ اٽيڪ جو جواب ڏنو هو اها ڪا ننڍي ڳالهه نه آهي. هن چيو ته اسان جو پاڙيسري ملڪ اسان کان ست ڀيرا وڏو آهي، تنهن هوندي به ڀارت ٻيهر ائين ڪيو ته اسان ٻيهر پنهنجو ڀرپور دفاع ڪنداسين. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته جڏهن به پاڪستان ۾ عدم استحڪام جي صورتحال ٿئي ٿي ته اڪثر ان ۾ ڀارت جو هٿ هوندو آهي. پر دنيا کي هاڻي اهو سمجهڻ گهرجي ته ان جو ”لازمي اتحادي“ عالمي برادري ۾ ڪهڙي طرح سلوڪ ڪري ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگران وزيراعظم 22 سيپٽمبر تي خطاب ۾ ڪشمير مسئلي ۽ افغانستان سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عوامي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هو پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) تي عملدرآمد ۽ نگرا?? انتظاميا پاران ملڪ جي اقتصادي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ کنيل اهم قدمن ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي پاڪستان جي ڪوششن بابت پڻ ڳالهه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي نگران پرڏيهي و??ير جليل عباس جيلاني جي سعودي هم منصب سان ملاقات ۾ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي ۽ چيو ته هو جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. پاڪستاني پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته ??ڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو ساليانو اجلاس عالمي اڳواڻن جي ڳالهه ٻولهه ۽ هڪ ٻئي کي ڄاڻڻ جو هڪ ڪارائتو موقعو فراهم ڪري ٿو.
ڪئناڊا ۾ رهندڙ سک اڳواڻ جي قتل ۾ ڀارتي عملدارن جي ملوث هجڻ جا الزام ڀارت سان 70 سالا تجربي خاص طور تي ڪلڀوشن ياديو جي روشني ۾ اسان جي لاءِ حيرت جي ڳالهه نه آهي، اسان پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي فطرت ۽ طرز عمل کي ڄاڻون ٿا: پاڪستان
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا