نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آه?? ته ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جو قتل اول??ه جي لاءِ جهٽڪو آه??، هاڻي انهن جون اکيون کليون آه??، پاڪستان ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو شڪار آه??، ڀارت ۾ اقليتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، اهڙي رويي کي روڪڻ جي لاءِ اتحاد ٺاهڻ جي سخت ضرورت آه??، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشيءَ سان انساني الميو جنم وٺي رهيو آه??، ذخيره اندوزن ۽ ڊالر مافيا جي خ??اف ڪارروائي جي نتيجي ۾ کنڊ ۽ غذائي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آه??، حڪ??مت?? پاليسين جي ڪري ٻاهريان سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ تيار آه??، اميد آه?? اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ جو اعلان جلد ڪندي، چونڊن ۾ سمورين سياسي پارٽين کي برابر موقعا فراهم ڪيا ويندا ۽ قانون جي خ??اف ورزي ڪندڙن جي خ??اف قانون موجب منهن ڏنو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستاني مشن ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نيويارڪ دورو پڄاڻي تي پهتو ۽ ان دوران ملڪي سربراهن ۽ اهم وفدن سان ٻرطرفيون ملاقاتون ٿيون، مجموعي طور تي هي دورو ڪامياب رهيو. هن چيو ته دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان ملاقات ٿي، دوري دوران ڪشمير مسئلي ۽ ڀارتي هندوتوا تي ڳالهه ٿي، مختلف فورمز تي موسمياتي تبديلي جو معاملو پڻ اٿاريو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين مسئلي ۽ موسمياتي تبديلي بابت پاڪستان جو موقف ڀرپور انداز ۾ پيش ڪيو، قوم جي ڀرپور انداز ۾ نمائندگي ڪئي. هن چيو ته ايراني صدر سان ملاقات دوران گهڻ رخي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو شڪار آه??، ڀارت دهشتگردي کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آه??، پاڪستان ڀارت سان تعميري ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آه??. هن چيو ته ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ کي بي رحمي طريقي سان قتل ڪيو ويو ان سان اولهه ملڪن کي جهٽڪو لڳو هاڻي انهن جون اکيون کليون آه?? ۽ اهي سنجيده سوال اٿاري رهيا آه??. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن، سکن سميت سمورن اقليتن کي نشانو بڻايو پيو وڃي اهڙي طرح جي رويي جي روڪٿام لاءِ اتحاد ٺاهڻ جي سخت ضرورت آه??. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته افغانستان سان تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آه??، پاڪستان افغانستان جي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪري ٿو. هن چيو ته قانون جي خ??اف ورزي ڪندڙن کي قانون موجب منهن ڏنو ويندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان معاشي بحالي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ايس آئي ايف سي جي ذريعي قدم کڻي رهيو آه??، آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان اعتماد سازي جي لاءِ قدمن تي عمل پيرا آه??ون، جڏهن ايندڙ چونڊيل حڪومت ايندي ته اها پنهنجي منشور موجب آءِ ايم ايف سان ڳالهين کي اڳتي کڻي هلندي. هن چيو ته شين جي پهچ ۽ طلب، ذخيره اندوزي سان مهانگائي ٿئي ٿي، ذخيره اندوزن?? کنڊ مافيا، ڪڻڪ مافيا جي خ??اف سخت انتظامي قدم کنيا آه?? جنهن سان مصنوعي مهانگائي ختم ڪئي آه??، ملڪ ۾ اٽي ۽ کنڊ جي ڪا کوٽ نه آه??، مصنوعي غيرقانوني ڪرنسي ٽريڊ ۾ مداخلت سان ڊالر جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آه?? جنهن کي ساراهيو ويو آه??. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ اڻوڻندڙ ماحول جو تاثر صحيح نه آه??. هن چيو ته پاڪستان جا آمريڪا سان گهڻ رخا ۽ مضبوط لاڳاپا آه??، آمريڪا ۾ 10 لک پاڪستاني رهن ٿا ۽ مختلف شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آه??، آمريڪا ۾ پاڪستاني شاگرد اسڪالرشپس تي تعليم حاصل ڪري رهيا آه??، پاڪ آمريڪا اتحاد ۽ تعاون جي پراڻي تاريخ آه??. هن چيو ته پاڪستان آزاداڻي پاليسي تي عمل پيرا آه??، نگران حڪومت ملڪ جي مفاد ۾ فيصلا ڪري رهي آه??. هن چيو ته جڙانوالا واقعو پاڪستاني رياست جي لاءِ ايتري بدنامي جو سبب نه بڻيو جيترو مني پور جا واقعا ڀارت جي لاءِ شرمناڪ آه??، مني پور رياست ۾ مسيحي برادري سان اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو پيو وڃي، مني پور ۾ سوين مرد عورتن کي قتل ڪيو ويو جڏهن ته جڙانوالا واقعي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، پاڪستان بطور رياست ذميوارن جي خ??اف ڪارروائي ڪئي. مون ۽ آرمي چيف ان واقعي جو سخت نوٽيس ورتو. نگران وزيراعظم چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ جو جلد اعلان ڪندي، ڪنهن به سياسي پارٽي کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ کان نه روڪيو ويندو، اڃا تائين اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڪنهن سياسي پارٽي تي پابندي ناهي لڳائي، جيڪو ملڪي قانونن جي خ??اف ورزي ڪري ۽ شهرين جي جان ۽ مال کي نقصان پهچائي ۽ پوءِ چوي ته ان جو سياست سان تعلق آه?? ته اهڙي طرح جي سرگرمين تي بنا دير جي قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته قانونن ۾ ڪنهن سان صنفي فرق نه ٿو ڪيو وڃي، قانون تي عمل پيرا آه??ون، ڪنهن ٻاهرئين قوت کي جوابده نه آه??ون، اسان خودمختيار ملڪ آه??ون. هن چيو ته پاڪستاني شهري هجن يا ٻين ملڪن سان تعلق رکندا هجن، قانون جي خ??اف ورزي تي انهن جي خ??اف پاڪستاني قانون موجب ڪارروائي ٿيندي. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت سمورين سياسي پارٽين سان شفاف ۽ غيرجانبدراڻو رويو رکندي، نواز شريف جي معاملي تي قانون تي عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته روس اسان جو اهم پاڙيسري ملڪ آه?? ان سان هر سطح تي تعميري لاڳاپا چاهيون ٿا، گڏيل قومن جي منشور جي ڪنهن ملڪ کي خ??اف ورزي نه ڪرڻ گهرجي، ڪنهن خودمختيار ملڪ جي خ??دمختياري جي خ??اف ورزي جي مخالفت ڪريون ٿا. هن چيو ته مسئلا جنگ سان نه ڳالهين جي ذريعي حل ٿيندا آه??، يوڪرين ۽ روس کي ڳالهين تي غور ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آه??، غاصب قوتون منظم طريقي سان مخالفن جي نسل ڪشي ڪن ٿيون، ڪشمير ۾ نسل ڪشي سان انساني الميو جنم وٺي رهيو آه??، هزارين ڪشميرين کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو آه??. هن چيو ته حڪ??مت?? قدمن جي ڪري ڊالر?? کنڊ ۽ غذائي جنسن جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي آه?? جيڪا حوصلي جوڳي ڳالهه آه??، اسان معيشت کي مستحڪم ڪرڻ جي رخ تي گامزن ڪري چونڊيل حڪومت جي حوالي ڪرڻ جا خواهشمند آه??ون. هن چيو ته رجسٽرڊ افغان پناهگيرن جي حوالي سان عالمي ذميواريون آه?? جن کي پورو ڪرڻ اسان جي ذميواري آه??، پاڪستان ۾ 50 لک افغان پناهگيرن رهن ٿا انهن ۾ 28 لک رجسٽرڊ ۽ باقي غيررجسٽرڊ آه?? غير رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي وطن واپسي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آه??ون. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جنيوا ڪانفرنس دوران 10 ارب ڊالر جو واعدو ڪيو ويو اميد آه?? ان واعدي تي عمل ڪيو ويندو، ان حوالي سان ڪجهه منصوبن تي ڪم شروع ٿي ويو آه?? ۽ باقي تي جلد ڪم شروع ٿيندو، منصوبابندي واري وزارت کي ان حوالي سان فوري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آه??. هن چيو ته ڪنهن کي ٻاهرئين ملڪ مان وطن واپس ايندڙ پاڪستانين کي پريشان ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته پاڪستان جي سفارتي اڪيلائپ جي شڪار ٿيڻ جو تاثر صحيح نه آه??، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي ملڪي سربراهن ۽ وفدن سان ملاقاتون ٿيون. انهن پاڪستان سان لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان اجلاس جي موقعي تي ترڪيه ۽ سعودي عرب ڪشمير تي پاڪستاني موقف جي تائيد ڪئي جنهن تي انهن جا ٿورائتا آه??ون. پاڪستاني سفارتخانا ٻاهرئين ملڪ بهترين ڪم ڪري رهيا آه??.
ڪئناڊا ۾ سک اڳواڻ جو قتل اولهه جي لاءِ جهٽڪو آهي، هاڻي انهن جون اکيون کليون آهن، پاڪستان ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو شڪار آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون