اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??اڪستان ۾ 27 ملين ٻار اسڪولن کان ??اهر آهن، انهن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ هنگامي قدمن جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ڇنڇر ڏينهن تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران ??فاقي وزير مدد علي سنڌي سان ??لاقات جي موقعي تي ??يو. ان ??وقعي تي ملڪ ۾ تعليم جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??اڪستان ۾ 27 ملين ٻار اسڪولن کان ??اهر آهن، انهن کي اسڪولن ۾ آڻڻ جي لاءِ هنگامي قدمن جي ضرورت آهي، ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ تعليم تائين ماڻهن جي پهچ وڌائڻي پوندي، آن لائين تعليم ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين تعليم پهچائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. صدر چيو ته اسڪولن کان ??اهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ مسجدن کي فجر کان ظهر تائين استعمال ڪري سگهجي ٿو، اسڪولن کان ??اهر ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ نوان ۽ غيرروايتي حل سوچڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇوڪرين جي اسڪولن ۾ تعليم جو سلسلو جاري رکڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻي پوندي. خصوصي ماڻهن کي ٻين ٻارن سان گڏ اسڪولن ۾ تعليم ۽ تربيت جي لاءِ خصوصي بندوبست ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ??لڪ ۾ معياري تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏيڻو پوندو، نوجوانن خاص طور تي عورتن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻا پوندا. هن چيو ته ??ونيورسٽيون مارڪيٽ جي ضرورتن موجب پنهنجي شاگردن کي هنر سان ??يس ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته ??اڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي لاءِ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙن جو انگ خطي جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم وارن ماڻهن جو انگ وڌائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ گهرجن، يونيورسٽيون آن لائين تعيلم ۽ مختلف شفٽن جي مدد سان ??ڌيڪ شاگردن کي اعليٰ تعليم فراهم ڪري سگهن ٿيون، يونيورسٽيون 4 سالن جي ڊگري پروگرامز سان گڏوگڏ آن لائين تعليم ۽ 2 سالن جا ڊگري پروگرامز پڻ شروع ڪن. صدر چيو ته ??رچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي پروگرامز جي مدد سان اعليٰ تعليم يافته ??اڻهن جو انگ وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ??ونيورسٽين ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ جديد ترين مهارتن سان ??يس ڪرڻ لازمي آهي، يونيورسٽيون مصنوعي ذهانت، مشين لرننگ، سائبر سيڪيورٽي ۽ ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ جي شعبن تي خاص ڌيان ڏين. ملاقات دوران ??فاقي اردو يونيورسٽي سان ??اڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي جي ملاقات، تعليمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی