گڏيل قومون-21 نومبر (اي پي پي) پاڪستان هڪ ??يرو ٻيهر گڏيل قومن جي پروگرام اينڊ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊجي ويو. ان ??لسلي ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ ۾ گذريل ڏينهن ٿيل چونڊ دوران پاڪستان کي گڏيل قومن جي پروگرام اينڊ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. گڏيل قومن جي اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جي سفارش تي ڪيل اها چونڊ عالمي برادريءَ طرفان گڏيل قومن ۾ پاڪستان ??ي اثرائتي ڪردار جي عڪاسي آهي. پاڪستان 1973ع کان گڏيل قومن جي هن 34 ر??ني ڪميٽيءَ جو ميمبر آهي ۽ ٻيهر چونڊجڻ کان پوءِ پهرين جنوري 2024ع کان 3 سالن جي مُدي ??اء?? ڪم ڪندو. ڪميٽي منصوبا بندي، پروگرام??گ ۽ رابطه ڪاري ??اء?? ECOSOC ۽ جنرل اسيمبليءَ جي اهم ذيلي اداري طور ڪم ڪري ٿي. جنهن ۾ ترجيحي پروگرامن جي سفارش ڪرڻ، قانونسازي کي پروگرامن ۾ تبديل ڪرڻ ۽ سفارشون ڏيڻ تي سيڪريٽريٽ جي رهنمائي، سڃاڻپ جي طريقيڪار جي ترقي ۽ اي سي او ايس او سي جي ان ڪوآرڊينيشن جي ڪمن ۾ مدد ڪرڻ شامل آهي. ڪميٽي اهم قانونسازيءَ جي فيصلن تي عملدرآمد جو وقت سر جائزو به وٺي سگهي ٿي.
پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر گڏيل قومن جي پروگرام اينڊ ڪوآرڊينيشن ڪميٽيءَ جو ميمبر چونڊجي ويو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی