گڏيل قومون-27 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطين جي نمائندي رياض منصور چيو آهي ته اسرائيل ??لامتي ڪائونسل کي مذاق بڻ??ئي رکيو آهي. الجزيره موجب سلامتي ڪائونسل جي صدر جي نالي هڪ خط ۾ هن چيو ته سلامتي ڪائونسل طرفان قرارداد نمبر 2720، جنهن ۾ غزه ڏ??نهن ويندڙ رستو کولڻ ۽ اتي انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪ??ڻ جو چيو ويو آهي، کي منظور ٿيندي چار ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ اسرائيل ??نهن چئن ڏينهن ۾ نه رڳو غزه ۾ فوجي ڪارروايون جاري رکيون پر انهن ۾ اضافو ڪيو آهي. اسرائيل پنهنجي هر قول ۽ فعل مان اهو ثابت ڪري رهيو آهي ته هو آبادڪار، نوآبادياتي قابض، نسل پرست حڪومت ۽ دهشتگرد رياست آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي ڏوهن جي فهرست ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. ان سڀني جي باوجود ڪجهه ملڪ اسرائيل ??لاف ڪنهن به فورم تي ڪاررو??ئي کي روڪڻ جا بهانا بڻائيندا آهن، انهن طرفان عالمي قانونن جي سرعام خلاف ورزين جو جواز پيش ڪندا آهن ۽ اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت خلاف ڏوهن جي جوابدهي کان بچائيندا آهن ۽ ان جي سياسي، عسڪري، مالي ۽ قانوني حمايت جاري رکي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، جنرل اسيمبلي ۽ پوري عالمي برادري کي حقارت سان ٺڪر??ئي رهيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ ٻي قرارداد کي 14 ڏينهن ٿي چڪا آهن ان جي باوجود اسرائيل فلسطينين خلاف پنهنجي نسل ڪشي جي جنگ جاري رکي آهي.
اسرائيل سلامتي ڪائونسل کي مذاق بڻائي رکيو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر