اسلام آباد -27 آڪٽوبر(??ي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي، ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي جدوجهد ۾ غير متزلزل يڪجهتي سان گڏ آهي ۽ پاڪستان ڪشميري عوام جي خوداراد??ت واري حق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي ??رڏيهي آفيس طرفان جاري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 27 آڪٽوبر ڄمون ڪشمير جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ آهي، 77 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ڀارتي ??وج سرينگر ۾ داخل ٿي جيڪو خطي لاءِ هڪ ڊگهي ۽ تڪليف ڏيندڙ باب جي شروعات اهي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت غيرقانوني طور تي ??الاريل ڪشمير تي ??نهنجو ڪنٽرول مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف طريقا استعمال ڪيا. محمد اسحاق ڊار چيو ته ڀارتي اختيارين پاران کنيل قدمن س??يت علائقي جي آبادي ۽ سياسي منظرنامي کي تبديل ڪرڻ جون ڪوششون، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي سڌي ريت خلاف ورزي آهن. هن چيو ته اڄ هي خطو جبر شدت کي برداشت ڪري رهيو آهي، هزارين س??اسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن جيل ۾ آهن، 14 سياسي پارٽين تي ??ابندي لڳائي وئي آهي، ايمرجنسي ۽ دهشتگردي جي روڪٿام وارن سخت قانونن تحت ڀارتي ??وج کي وسيع اختيار حاصل آهن، جنهن سبب ڀارتي ??وج ڪنهن به ماڻهو کي گرفتار ڪرڻ يا مارڻ ۽ ملڪيتن کي تباهه ڪرڻ جي قدمن م ملوث آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جي سمورن ظالماڻن طريقن باوجود ڪشميري عوام جو جذبو ۽ عزم برقرار آهي ۽ ڪشميري عوام انصاف ۽ خوداراد??ت وارو حق حاصل ڪرڻ لاءِ پرامن جدوجهد جاري رکي رهيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته تازو ئي غيرقانوني طور ڀارتي ??بضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جون چونڊيون ٿيون هيون جڏهن ته ڪو به اهڙو قدم جيڪو ڀارت جي آئين جي فريم ورڪ تحت ۽ ڀارتي ??وج جي وڏي تعداد ۾ موجودگي ۾ ڪيو ويندو آهي ان کي ڪشميري عوام جي جائز خوداراد??ت واري حق جي متبادل طور نٿو سمجهي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي. ۽ سمورن پاڙيسري ملڪن سان تعميري لاڳاپن جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل کان س??اءِ خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي جدوجهد ۾ غير متزلزل يڪجهتي سان گڏ آهي ۽ ان جي خوداراد??ت واري هق حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي مڪمل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشمير جي عوام جي خواهشن مطابق ڄمون ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي، پرامن حل کان سواءِ خطي ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي: محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل