اسلام آباد – 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ٻارن کي پاڪستان جو مستقبل ۽ معمار قرار ڏيندي چيو آهي ته موجوده حڪومت نئين نسل کي خاص طور تي معياري ۽ جديد تع??يم جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، اسان سڀ گڏجي پنهنجي ملڪ کي خوبصورت، خوشحال ۽ مضبوط بڻائينداسين، ٻار معصوم ۽ اندر جا سچا هوندا آهن، قوم جا نونهال منهنجي جان آهن ۽ مون کي انهن تي فخر آهي انهن کي هر ممڪن بهترين سهولتن جي فراهم?? لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. اسلام آباد ۾ وزيراعظم تع??يمي سڌارن وا??ي پروگرام تحت اسلام آباد جي اسڪولن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ج?? لاءِ ٽرانسپورٽ جي سهولت جي حوالي س??ن نئين بسن جي فراهمي واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته ٻار پاڪستان جو مستقبل آهن ۽ مستقبل جا معمار آهن، ٻار انشاءَ الله پاڪستان کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندا، اسان جيڪو ڪجهه پنهنجي ملڪ لاءِ ڪري رهيا آهيون ٻار ان کان 100 سيڪڙو وڌيڪ ڪندا ان لاءِ اسان چاهيون ٿا ته هر اسڪول خوبصورت هجي اتي بهترين ماحول هجي ۽ ٻارن کي سموريون سهولتون دستياب هجن.
حڪومت جديد تعليم جي فراهمي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ