اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته رپورٽ جي آءِ ٽي کي ڏيڻي آهي ۽ ان رپورٽ ۾ حمد بن جاسم جو ??يان به جي آءِ ٽي کي ئي رڪارڊ ڪرائڻو آهي، جيڪڏهن جي آءِ ٽي حمد بن جاسم جو ??يان رڪارڊ نه ٿي ڪرائي ته ان ۾ مشڪلاتون پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي لاءِ نه پر جي آءِ ٽي جي لاءِ آهن. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن هڪ نج?? ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حمد بن جاسم چيو ته شريف خاندان ۽ مرحوم محمد شريف جا من??نجي والد سان ڪاروباري لاڳاپا هئا ۽ ان کانپوءِ سيٽلمينٽ ڪئي ۽ ان کي هن هڪ خط لکيو جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ به داخل ڪرايو ويو. هن چيو ته ان سڄي معاملي ۾ سڀ کان اهم بيان قطر جي حمد بن جاسم جو ??هي جنهن بابت هڪ سوال اٿي ٿو ۽ اهو سوال سڀني جي ذهن ۾ اٿي ٿو ته جي آءِ ٽي انهن سمورن ماڻهن کي گهرايو جن جو پاناما پيپرز سان پري تائين ڪو تعلق نه هو پر ان شخص جنهن جي خط کي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائڻ تي اسان جي سياسي مخالفن پاران تمام گهڻي سياست به ٿي ان شخص حمد بن جاسم جي ب??ان کي جي آءِ ٽي سڀ کان اڳ رڪارڊ ڇو نه ڪرايو.
حمد بن جاسم جي بيان کانسواءِ رپورٽ جي آءِ ٽي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : مڈاس گولڈ