گهوٽڪي / اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آ??ي ته پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي مذهبي آزادي ڏي ٿو، پاڪستان ۾ سمورن مذهبي اقليتن کي برابري جا حق حاصل آهن، مذهبي آزادين جي خلاف ورزين جي حوالي سان آمريڪي الزام تي حيرانگي ٿي، آمريت ۾ مسئلا دٻايا وڃن ٿا، جمهوريت هلندي رهندي ته سمورا مسئلا حل ٿيندا، مسلم ليگ (ن) جي پليٽ فارم تان ڪنهن سان به غيرشائسته روي?? ممڪن ئي نه آهي. گهوٽڪي ۾ هندو برادري جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ??يو ته اسلام امن جو دي?? آهي، اڄ جي دنيا هڪ ڏکي دنيا آهي پر دي?? جو سفر سدائين جاري رهندو. قائداعظم ??يو هو ته توهان آزاد آهيو، توهان آزادي سان مسجدن، مندرن ۽ پنهنجي عبادتگاهن ۾ وڃي سگهو ٿا.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ