ڪوپن هيگن- 01 جنوري (اي پي پي) ڊينمارڪ جي راڻي مارگريٿ ٽو 52 سال حڪومت ڪرڻ کانپوءِ اقتدار ڇڏڻ جو اع??ان ڪيو آهي. العربيا نيوز مطابق راڻي مارگريٿ نئ??ن سال جي تقريب کي خطاب دوران اقتدار تان هٿ کڻڻ جو اع??ان ڪيو. راڻي مارگريٿ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 14 جنوري تي اقتدار پنهنجي پٽ شهزادي فيڊرڪ کي ڏئي ڇڏ??ند??س. اقتدار ڇڏڻ جو اهو فيصلو 2023 ع جي شروع ۾ ٿيل چيلهه جي سرجري کانپوءِ ڪيو هو. خطاب دوران راڻي مارگريٿ ڪيترن ئي سالن کان سندس حمايت ڪرڻ تي ڊينمارڪ جي عوام جو ٿورو پڻ مڃيو. واضح رهي ته مارگريٿ 1972 ۾ پنهنجي والد ڪنگ فريڊڪ جي لاڏاڻي کانپوءِ تخت سنڀاليو هو.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ