واشنگٽن- 05 نومبر (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي ته اسرائيل کي 30 ڏينهن جي ڏنل مهلت مان 2 هفتا گذري وڃڻ باوجود به غزه ۾ امداد جي فراهمي جي ??ورتحال گهڻي حد تائين بهتر ناهي ٿي سگهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ??رجمان ميٿيوملر چيو آهي ته اسرائيل غزه تائين امداد جي فراهمي وڌائڻ لاءِ ڪجهه قدم کنيا آهن پر اڃا تائين اتي انساني امداد جي فراهمي جي ??ورتحال کي بهتر حد تائين تبديل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. آمريڪا غزه ۾ امداد جي ??سائي لاءِ اسرائيل کي 30 ڏينهن جي مهلت ڏني هئي پر ٻه هفتا گذرڻ بعد به تل ابيب طرفان خاطر خواه قدم سامهون ناهن آيا. جوبائيڊن انتظاميه هڪ خط ذريعي اسرائيل کي چيو هو ته ان وٽ غزه پٽي ۾ سنگين انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ 30 ڏينهن جو وقت آهي . خط ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته غزه ۾ روزانو 350 امدادي ٽرڪن کي داخل ٿيڻ جي ??جازت ڏني وڃي. امدادي ڪارڪنن ۽ گڏيل قومن جي ??هلڪارن جو چوڻ آهي ته غزه ۾ انساني صورتحال اڃا تائين ڳڻتي جوڳي آهي. ميٿوملر چيو ته اڄ تائي?? صورتحال ۾ نمايان تبديلي ناهي آئي. اسان ڪجهه قدم ۽ راهداري جي ??نگ ۾ اضافو ڏٺو آهي جيڪي کيل آهن . پر جيڪڏهن توهان خط ۾ ڏنل سفارشن کي ڏسندا ته اهي پوريون نه ٿي سگهيون آهن. هن چيو ته هن وقت تائين جا نتيجا ڪجهه بهتر ناهن پر ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته 30 ڏينهن جي مهلت اڃان ناهي گذري. ياد رهي ته ڄاڻايل خط ۾ نيتن ياهو کي 30 ڏينهن جي مهلت ڏيندي خبردار ڪيو ويو هو ته غزه ۾ پهچايل امداد ۾ اضافو نه ڪرڻ جي ??ورت ۾ اسرائيل کي آمريڪي هٿيارن جو وڪرو بند ڪيو ويندو. يو ايس ??ار?? اسسٽنٽ ايڪٽ 620 آءِ انهن ملڪن کي فوجي ??مداد ڏيڻ ک??ن روڪي ٿو جيڪي آمريڪي انساني امداد جي فراهمي ۾ رڪاوٽ آهن.
غزه ۾ امداد جي فراهمي جي صورتحال ۾ گهڻي حد تائين بهتري ناهي آئي: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔