اسلام آباد – 30 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي ??اري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته شريف فيملي طرفان جمع ڪرايل قطري خط، ٽرسٽ ڊيڊ ۽ گلف اسٽيل جي مشينري منتقلي بابت ثبوتن جي تصديق ۽ لاڳاپي?? فرم سان رابطو ئي نه ڪيو ويو، جي آءِ ٽي ڪيس ۾ شريف فيملي جي انهن ٽنهي د??تاويزن کي ثبوت طور شامل ئي نه ڪيو ويو. هو احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي، مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو ته گذريل ٽن ڏينهن اندر واجد ضياءُ جيڪي بيان رڪارڊ ڪرايا آهن ان تي شريف فيملي جي وڪيل خواجه حارث جرح ڪري رهيو آهي ان ۾ هي واضح ٿي چڪو آهي ته شريف فيملي طرفان مني ٽريل سان پيش ڪيل قطري خط، ٽرسٽ ڊيڊ ۽ گلف اسٽيل جي مشينري منتقلي جي د??تاويزن تي ڪنهن قسم جو ايم ايل اي جمع ناهي ڪرايو ويو، هن چيو ته هي ٽهي مرڪزي ثبوت هئا انهن ٽنهي کي پاڻ ئي سم??هيو ويو ته هي جعلي آهن، انهن جي ڪا تصديق نه ڪئي وئي.
شريف فيملي طرفان جمع ڪرايل ثبوتن جي تصديق نه ڪرائي وئي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II