چنگ ڊائو – 10 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته رابطن ۾ اض??في، گڏيل خوشحال??، واپار ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن ۾ اض??في ذريعي شنگهائي تعاون تنظيم جي ايجنڊا جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا ۽ ان سان ئي خطي ۾ پائيدار امن، ترقي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو. صدر ممنون حسين اهڙن خيالن جو اظهار چين جي شهر چنگ ڊائو ۾ شنگهائي تعاون تنظيم ??ي رياستي سربراهن جي ڪائونسل جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ڪانفرنس ۾ تنظيم جي 8 مستقل ۽ مبصر ملڪن جي سربراهن ۽ نمائندن ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن شرڪت ڪئي. شنگهائي تعاون تنظيم جي حوالي سان ترجيحن جو ذڪر ڪندي صدر چيو ته رابطن ۾ اض??في، گڏيل ترقي ۽ خوشحال??، واپار ۽ عوامي رابطن ۾ اض??في جي صو??ت ۾ قدمن جي نتيجي ۾ خطي ۾ ڊگهي مدي وارن بنيادن تي امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي ٿو.
مضمون کا ماخذ : ریل رش