اسلام آباد – 04 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اي گورنمينٽ ۽ ا?? آفيس جي قدمن جي ڀرپور حمايت ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم آفيس ان سلسلي ۾ سڀ کان پهرين عملدرآمد يقيني بڻائيندو ۽ سموريون وزارتون ان جي تقليد ڪنديون، ڊاڪٽر عشرت حسين کي سمورين وزاتن ۽ کاتن ۾ پيپرليس نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ مقرر ٽائيم فريم جي اندر عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، وزيراعظم ج?? آفيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ نا??ي واري وزير اسد عمر، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير خالد مقبول صديقي، قانون واري وزير ??روغ نسيم، ميري ٽائيم افيئر واري وز??ر سيد علي حيدر، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري معروف افضل، نجڪاري جي سيڪريٽري رضوان ملڪ ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.
اي گورنمينٽ ۽ اي آفيس تي پهرين وزيراعظم آفيس ۾عملدرآمد ڪيو ويندو: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار