اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا کي ڀارت جي ??ٽي رويي جو نوٽيس وٺڻو پوندو، ڀارت نيوزيلينڊ واقعي جي م??مت ته ڪئي پر مسلمان شهيدن ۽ مسجدن جو ذڪر به نه ڪيو، سمجهوتا ايڪسپريس تي دهشتگرد حملي بابت ڀارتي عدالت جو فيصلو ڀارت جي ??ٽي معياري جي عڪاسي ڪري ٿو، چين پاڪستان جو لازوال دوست ۽ جبل وانگر اسان سان گڏ بيٺل آهي، هلندڙ سال چين مان هڪ ارب ڊالر اضافي ايڪسپورٽ متوقع آهي، آمريڪا سان لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن. پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات واري وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سيڙپڪري بورڊ جي چيئرمين هارون شريف سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته سمجهوتا ايڪسپريس ۾ شهيد ٿيندڙ بيگناهن جي ذميوار چئن ڏوهارين کي آزاد ڪ??ي ڇڏڻ انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن